پنا لال گهوش (بانسري نواز)

پنا لال گهوش (بانسري نواز)

پنا لال گهوش بانسري نواز

پنا لال گهوش (بانسري نواز): پنالال گهوش 31 جولاءِ 1911ع تي بنگلاديش جي بارسل نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. سنگيت سندس گهر ۾ موجود هو. سندس ڏاڏو هري ڪمار گهوش پنهنجي وقت جو بانسري، طبلي، ستار ۽ پکاوج جو مڃيل استاد هو. هن پنهنجي ڏاڏي کان شروعاتي تعليم ورتي. سندس وفات کان پوءِ پنهنجي چاچي ڀاورن جان کان سکيا ورتائين. پنا لال آخر تائين سکندو رهيو ۽ ڪڏهن به پاڻ کي استاد ڪو نه سڏايائين ۽ هميشه فن جو پياسو رهيو. 17 سالن جي عمر ۾ پنا لال ڳوٺ ڇڏي ڪلڪتي هليو ويو، جتي نه ڪو سنگتي هئس ۽ نه روزگار مليس، هو هتي وڏي آس کڻي آيو هو، پر فن جي بيقدري ڏسي مجبور ٿي هن باڪسنگ شروع ڪئي. اهو 29- 1928ع جو زمانو هو. هڪ دفعي آل انڊيا ريڊيو ميوزڪ چٽاڀيٽي ٿي. هن به انيل بسوال جي معرفت جيڪو سندس ڳوٺائي ۽ ريڊيو جو پروڊيوسر هو، چٽاڀيٽيءَ ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي فني زندگيءَ جو آغاز 1929ع ۾ آل انڊيا ريڊيو تي بانسري وڄائڻ سان ڪيو. جلد ئي بسوال کي نذر الاسلام جا ڪجهه ڊراما ڪرڻا پيا ته پنا لال انهن ۾ بانسريءَ جا خوبصورت تاثر (effects) ڏنا. سندس اهو ڪلاسيڪل انداز ڏاڍو پسند ڪيو ويو، پنالال کي اها ننڍي بانسري وڄائڻ ۾ مزو نه ڏيندي هئي، ان ڪري هن تجربا شروع ڪيا. آخر هن اهڙي، بانسري ٺهرائي، جيڪا ڪلاسيڪل ۽ عوامي انگ وڄائڻ لاءِ موزون هئي. اها بانسري 32 انچ ڊگهي هئي ۽ قطر ۾ ساڍا چار انچ هئي. هيءَ تمام وڏي بانسري هئي، جنهن تي عام نموني هٿ رکڻ ممڪن نه هو، ان ڪري اها ڳالهه مشهور ٿي ته پنالال آڱرين جي سرجري ڪرائي انهن کي وڏو ڪيو آهي؛ پر اهو اصل ۾ ائين نه هو، اهو فقط سندس رياض جو ڪمال هو. اها بانسري ڪلڪتي جي آس پاس ٿيندڙ بانس مان ٺاهي وئي هئي، ۽ ان جو آواز ڪافي ٿلهو هو ۽ هيٺيان توڙي مٿيان سر ڪڍي سگهندي هئي، پر ڦوڪ زبري گهربل هئي. 1930ع ۾ هن ’نيو ٿيٽر‘ ۾ راءِ چندر بورل سان گڏ ڪم ڪيو. 1937ع ۾ خوشي محمد خان جي شاگردي قبوليائين، جيڪو هارمونيم جو وڏو استاد هو. 1938ع ۾ هڪ ناچ جي طائفي سان گڏ يورپ ويو ۽ هي پهريون ڪلاسيڪي فنڪار هو، جنهن يورپ ۾ فني مظاهرو ڪيو. 1940ع ۾ هن ’بمبئي ٽاڪيز‘ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن انهيءَ دؤر ۾ ڪلاسيڪي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ استاد علاءُ الدين خان جي شاگردي اختيار ڪئي، اهو 1946ع جو سال هو. انهي زماني ۾ هن روي شنڪر کي پنهنجو استاد ڪرڻ چاهيو ٿي، پر روي شنڪر کيس چيو ته هو عظيم فنڪار آهي. برصغير ۾ جهڙس ڪو به بانسري وڄائڻ وارو ناهي. ان تي پنالال کيس چيو ته هو اڃا به عظيم ماڻهن وٽان سکي عظيم ٿيڻ ٿو چاهي.
هن آل انڊيا ريڊيو تان ايتري ته بهتر بانسري وڄائي، جو سڄو برصغير کيس عزت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو. اها هن جي عظمت هئي، جو وقت جي تمام وڏن گائڪن استاد فياض خان ۽ اوم ڪرناٿ ٺاڪر کيس منٿون ڪيون ته هو ساڻن گڏ بانسري وڄائي. هن وقت جي تمام وڏي گويي استاد عبدالڪريم سان گڏ بانسري وڄائي ۽ ان کان دُرپد گائيڪيءَ جا انگ سکيا. هي ٺمري دادرو وغيره تمام سٺي طريقي سان وڄائي سگهندو هو.
پنالال کي اهو به اعزاز آهي ته هن ڇهن تارن وارو ۽ مٿين آوازن ڏيڻ وارو تانپورو ايجاد ڪيو ۽ هارمونيم کي برصغير جي موسيقيءَ ۾ متعارف ڪرايو. پنا لال ڪيترا راڳ به ايجاد ڪيا، جن مان ديپاوالي، چندرا مولي، پنجواتي، نوپرد واني، وغيره مشهور آهن. هن کي درٻاري راڳڻي حد کان وڌيڪ وڻندي هئي. هن ڪيترين ئي فلمن ۾ سنگيت ڏنو، پر فلمي سنگيت کان هو ڪڏهن به مطمئن نه ٿيو. 1956ع ۾ کيس نيشنل 9- آرڪيسٽرا ۾ شامل ڪيو ويو. اهو هن لاءِ وڏو اعزاز هو. اتي هو بانسريءَ تي راڳ جي سکيا ڏيندو هو. هُو مستقل رياض ڪندڙ فنڪار هو، پر خميس ڏينهن بانسري ڪونه وڄائيندو هو ۽ ’چپ جو روزو‘ رکندو هو.
هن کي 49 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پيو ۽ 20- اپريل 1960ع ۾ دهليءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس ورثو هري پرساد چوڌري، وي. جي ڪرناد ۽ ديواندر مرديشور سنڀاليو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.07.31  عيسوي

پنالال گهوش 31 جولاءِ 1911ع تي بنگلاديش جي بارسل نالي ڳوٺ ۾ ڄائو.


1960.04.20  عيسوي

پنا لال گهوش 20 اپريل 1960ع ۾ دهليءَ ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن النديم
دينا واڊيا
سندر ڀڳوانداس
آئن اسٽائن البرٽ
پئٿاگورس
بشير مورياڻي
طيار
ذاڪر حسين ڊاڪٽر
رضوي سيد محمد يوسف
شاهنواز ڏاهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون